اسلام آباد – 05 –; سيپٽمبر (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر روزاني انصاف جي چيف ايڊيٽر ۽ پروگرام حسب حال جي اينڪر پرسن جنيد سليم جي والده جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اسپيڪر جنيد سليم جي نالي پنهنجي جاري تعزيتي پيغام ۾ سندس والده جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن چيو ته مرحومه جو لاڏاڻو سوڳوار خاندان جي لاءِ هڪ وڏو نقصان آهي ۽ مرحومه جي لاڏاڻي سان پيد ٿيل خال ڀرجي نه ٿو ??گه??ي. اسپيڪر اسد قيصر الله تعاليٰ کان مرحومه جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان کي ان ناقابل تلافي نقصان کي برداشت ڪرڻ ج?? لاءِ صبر جميل عطا فرمائڻ ج?? دعا پ?? ڪئي.