اسلام آباد – 29 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خا?? معاون ۽ ترجمان ڊ??ڪٽ?? شهباز گل مراد ??لي شاهه جي بيان تي ردعمل ۾ چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ هر نااهلي جو جواز وفاق تي چڙهائي آهي، گذريل 13 سالن کان سنڌ تي مڙهيل پارٽي سنڌ جي عوام کي بنيادي سهولتن تائين فراهم نه ڪري سگهي. ڊ??ڪٽ?? شهباز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پنجاب ۾ ايئر ايمبولينس سروس شروع ڪئي پئي وڃي پر سنڌ جي عوام اڄ به ريسڪيو سروس کان محروم آهي، سنڌ ۾ اڄ به رڳو ڀٽو زندهه آهي عوام نه. ڊ??ڪٽ?? شهباز گل چيو ته سنڌ سرڪار هر شيءَ جي ذميواري وفاق تي وجهي ذميواري کان آجي نه ٿي سگهندي، پيپلزپارٽي جي ڪاغذي ڪارڪردگي جي ڪري اڄ سنڌ جي ماڻهن کي پيئڻ جي پاڻي تائين ميسر نه آهي، ٿر ۾ ماڻهو بک سان مري رهيا آهن، اندرون سنڌ علاج جي ڪا سهولت ميسر نه آهي.