اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ جي بهتري ل??ءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ڪنهن به معاشري ۾ قانون جي بالادستي جي ل??ءِ اخلاقي قدر تمام اهم هوندا آهن، پاڪستان ۾ ٻن وڏن خاندانن ملڪ کي بيدردي سان ڦريو آهي، گذريل ٽن سالن کان طاقتور طبقي کي قانون جي طابع آڻڻ جي جدوجهد ڪري رهيا آهيون، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي ل??ءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي، غريب ملڪن جي اشرافيه مني ل??نڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي. وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان بابت اڪرام سهگل جي ڪتاب ”اي پرسنل ڪرونيڪل آف پاڪستان“ جي مهورتي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اڪرام سهگل محب وطن ليکڪ آهي ۽ سندس لکڻين کي ساراهيون ٿا. وزيراعظم عمران خان چيو ته جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ??ين??ا آهن، ملڪي حالتون ڏسي سياست ۾ اچڻ جو فيصلو ڪيو، (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي ڪرپشن ڄاڻان ٿو، ان لاءِ پنهنجي جدا سياسي پارٽي ٺاهي. وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي ل??ءِ موڪليو آهي، جڏهن اشرافيه بدعنوان هجي ته ملڪ بدحال ٿي ??ين??ا آهن. هن چيو ته غريب ملڪن جي اشرافيه مني ل??نڊرنگ سان ساليانو اربين ڊالر ٻاهرئين ملڪ منتقل ڪري ٿي، سياست ۾ اچڻ کان اڳ ملڪي سياسي نظام بابت وڌيڪ چاڻ نه رکندو هئس، شروع ۾ پيپلزپارتي ۽ (ن) ليگ جي قيادت شموليت جي دعوت ڏني، نواز شريف ۽ زرداري کي انهن جي ڪرپشن تي چئلينج ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان وڏن انسانيت جي ل??ءِ پنهنجون زندگيون وقف ڪيون?? قومون سدائين انهن کي ياد رکن ٿيون جيڪي انهن جي ل??ءِ ڪجهه ڪرڻ جو درد رکندا آهن، اسان جي ايمان جو حصو آهي ته عزت الله تعاليٰ پار??ن ملي ٿي، ڪنهن به ڪم ۽ وڏي مقصد جي ل??ءِ مثبت سوچ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته پاڪستان قدرتي وسيلن س??ن مالامال ملڪ آهي، جن جي موثر استعمال جي ضرورت آهي، ملڪ جي ترقي ل??ءِ اسان سڀني کي متحد ٿي ڪم ڪرڻو پوندو، پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪم جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ سياحت جو تمام گهڻو پوٽينشل آهي جنهن جي فروغ جي ل??ءِ ڪم جي ضرورت آهي، اسان جا اتريان علائقا سوئيٽزرلينڊ کان وڌيڪ خوبصورت آهن. وزيراعظم چيو ته حضرت علي رضه جو قول آهي ته ڪفر جو نظام ته هلي سگهي ٿو پر ظلم جو نه?? الله تعاليٰ انسان کي زمين تي انصاف جي ل??ءِ موڪليو آهي، ڪرپشن جي خلاف جدوجهد جي ل??ءِ پاڪستان تحريڪ انصاف قائم ڪئي ۽ ملڪ جي بهتري ل??ءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون.