اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مستقبل ۾ اهي ملڪ ترقي ڪندا جن جا نوجوان ملازمت کان وڌيڪ ڪاروبار تي ڌيان ڏيندا، اسان کي پنهنجي ادارن کي ت??قي ڪندي دنيا سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، ڪامياب نوجوان پروگرام پاڪستان کي ت??قي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ان پروگرام جي ڪاميابي پاڪستان جي ڪاميابي هوندي، موجوده دور ۾ هنر جي اهميت ۽ قدر پهرين کان وڌيڪ آهي، هنر جي استعمال سان ترقي ڪري سگهجي ٿي، پاڪستان کي ت??قي يافته بڻائڻ لاءِ هنر جو فروغ اهميت رکندڙ آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن بحريه يونيورسٽي ۾ ڪامياب جوان پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪنبادشاہ/122029.html">دي ??يو، تقريب ۾ وزيراعظم جو نوجوانن جي معاملن وارو خاص مددگار عثمان ڊار?? نيوٽيڪ جي چيئرمين سيد جاويد حسين ۽ بحريه يونيورسٽي جو وائيس چانسلر به موجود هئا. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير ڪامياب جوان پروگرام جي شريڪ ٿيندڙن کي ڪورس مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني، هن چيو ته ٽيڪنالاجي دنيا کي ت??ديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان ۾ به ٽيڪنالاجي سان تبديلي ايندي، هن چيو ته پاڪستان جي 60 سيڪڙو آبادي جي عمر 30 سالن کان گهٽ آهي، فيس بڪ، گوگل، پي پال، ٽوئيٽر لانچ ڪرڻ وارا به ماڻهو به نوجوان هئا، انهن سڄي دنيا کي بدلائي ڇڏيو. اسان کي پاڪستان ۽ پنهنجي زندگين کي ت??ديل ڪرڻو آهي ته هنر لازمي آهي، هن چيو ته تبديل ٿيندڙ دنيا ۾ هنر جي اهميت پهرين کان وڌيڪ آهي، اڄ کان ڪجهه عرصو اڳ اهو رواج هو ته ڊگري حاصل ڪري ملازمت اختيار ڪئي ويندي هئي، پر هاڻي ملازمت جي جاءِ تي ڪاروبار جو تصور وڌي رهيو آهي. اهي ملڪ سدائين ڪامياب ٿيندا جيڪي ڪاروباري ماڻهو پيدا ڪندا، هن چيو ته اسان هنر جي استعمال سان پنهنجو پاڻ کي ۽ دنيا کي ت??ديل ڪري سگهون ٿا ان جي لاءِ اسان کي ت??قي پسند سوچ اختيار ڪرڻي پوندي، جيڪا بدلجندڙ دنيا سان هڪجهِڙائي رکندي هجي.