اسلام آباد – 20 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني هم منصب لي ڪي چيانگ سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ پاڪ چين سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 70 هين س??لگرهه، ٻه طرفي لاڳاپن ۽ ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيني هم منصب ۽ قيادت کي مريخ تي چيني خلائي جهاز جي ڪامياب لينڊنگ تي مبارڪباد پيش ڪئي جنهن س??ن چين جي وڌندڙ ٽيڪينڪي صلاحيت کي اجاگر ڪيو، وزيراعظم عمران خان زور ڏيندي چيو ته گذريل سالن دوران گڏيل ۽ اڻٿڪ ڪوششن س??ن پاڪستان ۽ چين پنهنجي لاڳاپن کي سدابهار وڌندڙ حصيداري ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو جو فلينگ شپ منصوبو آهي ۽ ان س??ن معاشي سرگرمين کي تيز ۽ روزگار جا موقعا پيدا ڪيا ويا آهن ۽ ان س??ن ٻه طرفا ۽ علائقائي واپار ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سال 2021ع هڪ خاص موقعو ??هي، ڇاڪاڻ جو اهو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي قيام جي 17 هين س??لگرهه جو سال آهي، جنهن کي ٻئي ڌريون ڀرپور انداز ۾ ملهائينديون، وزيراعظم ان موقعي تي چيني وزيراعظم کي مبارڪباد پيش ڪئي، وزيراعظم عمران خان ڪوووڊ 19 مان س??خرو ٿيڻ ۾ پاڪ چين تعاون تي روشني وجهن??ي ڪورونا ويڪسين جي فراهمي ۾ چين جي پاڪستان کي جاري مدد تي دل جي گهراين س??ن واکاڻ ڪئي.