اسلام آباد – 07 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته اسان کي دنيا ۾ پاڪستان جو مثبت ۽ روشن تشخص روشناس ڪرائڻو آه??، ان ڏس ۾ اطلاعات واري وزارت جي آفيسرن جو ڪردار بنيادي حيثيت رکي ٿو، انفارميشن گروپ ۽ ميڊيا تربيت جي عمل ?? وڌيڪ موثر بڻائڻ جي لاءِ انفارميشن سروسز اڪيڊمي کي انفارميشن ٽيڪنالاجي جي جديد سهولتن سان ليس ڪيو ويندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروسز اڪيڊمي ۾ انفارميشن گروپ?? گريڊ 18 جي آفيسرن جي لاءِ ڊومين اسپيسيفڪ مڊ ڪيريئر ڪورس جي پاس آئوٽ ٿيندڙ آفيسرن ۾ سرٽيفڪيٽ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.