اسلام آباد – 31 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم ع??را?? خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، ڪورونا جي ٽئين لهر کي منهن ڏيڻ ۽ وبا جي روڪٿام جي حوالي سان حڪمت عملي ملڪي معاشي حالتن ?? خاص طور تي عوام جي مشڪلاتن کي سامهون رکي جوڙي ويندي، اسان جي سموري حڪمت عملي جو محور غريب عوام کي ريليف ڏيڻ ۽ ان کي وبا جي منفي اثرن کان بچائڻ آهي، وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد جي حوالي سان عوام کي متحرڪ ڪيو وڃي ۽ ضلعي انتظاميا جي موثر ڪردار کي پڻ يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.