اسلام آباد – 18 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته غير قانوني شڪار ۽ وڻن جي واڍي جي روڪٿام لاءِ منظم قدم کنيا وڃن، ٻيلن جي بحالي لاءِ جامع پاليسي جوڙي وڃي ۽ جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. هو پنجاب صوبي ۾ ٻيلن جي تحفظ ۽ بحالي جي حوالي سان منعقد اجلاس جي صدارت ڪري ??هيو هو. اجلاس ۾ ماحولياتي تبديلين با??ت خاص مددگار ملڪ امين اسلم، پنجاب جي ٻيلن واري وزير سبطين خان ۽ ??ين به شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم عمران خان کي ڇانگامانگا ۽ ??ين ٻيلن جي بحالي جي حوالي سان کنيل قدمن تي بريفنگ ڏني وئ??. گ??ريل ڪجهه سالن ۾ ڇانگامانگا جي اڍائي هزار ايڪڙ زمين کي وڻن کان محروم ڪري ??نجر بڻايو ويو. وزيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته موجوده حڪومتي دور ۾ 10 بلين ٽري ??ونامي مهم ۾ هڪ هزار ايڪڙ رقبي تي وڻڪاري ??و عمل مڪمل ڪيو ويو آهي، اڍائي هزار ايڪڙ رقبي تي سال 2023ع تائين اهو عمل مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ماحولياتي آلودگي جا اثر گهٽ ڪرڻ جي حوالي سان ٻيلا ۽ وڻڪاري ??هم اهميت رکندڙ آهن ۽ ٻيلن جو تحفظ ۽ بحالي موجوده حڪومت جي ترجيحن جو حصو آهي.