رپورٽ: شهزاد علي اڪبر
احساس پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ سهولتن سان ليس پناهگاهن جو قيام معاشري جي ڪمزور طبقن جي لاءِ هڪ انقلابي قدم آهي، ??هي پناهگاهون گهرن کان پري اهڙن ماڻهن جي رهائش جون ضرورتون پوريون ڪري رهيون آهي جيڪي رهائش جا خرچ برداشت ڪرڻ جي سگهه نه ٿا رکن. وزيراعظم عم??ان خان جي حڪومت معاشري جي ڪمزور طبقن جي ضرورت?? کي پورو ڪرڻ لاءِ هر سطح تي قدم کنيا، پناهگاهون قائم ڪرڻ به ان سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي، ??هڙا ماڻهو جيڪي شديد گرمي ۽ سرديءَ ۾ کليل آسمان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور هئا، حڪومت انه?? کي پناهگاهن جي صورت ۾ ه?? اهڙي سهولت فراهم ڪئي جتي انهن ماڻهن لاءِ ٻه وقت جي ماني سميت رهائش جي سهولت ميسر هجي.
سيپٽمبر 2020ع کانپوءِ احساس پناهگاهن جي ذريعي 5 لک 6 هزار 521 ماڻهو ان سهولت مان فائدو وٺي چڪا آهن ??نه?? مان 57 هزار 338 ماڻه?? کي رهائش ۽ 4 لک 49 هزار 183 ماڻه?? کي کاڌي جي سهولت فراهم ڪئي وئي، فيبروري 2021ع دو??ان هيستائين 51 هزار 860 ماڻهن انهن پناهگاهن مان فائدو حاصل ڪيو، جن مان 4 هزار 718 ماڻه?? کي رهائش ۽ 47 هزار 142 ماڻه?? کي کاڌو فراهم ڪيو ويو. وفاقي گادي واري شهر جي علائقن بهاره ڪهو، منڊي موڙ، پشاور موڙ، ترلائي ۽ ترنول ۾ قائم 5 پناهگاهن مان هن وقت تائين 4 لک 82 هزار 30 ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن، جن مان 56 هزار 673 ماڻه?? کي رهائش ۽ 4 لک 25 هزار 357 ماڻه?? کي کاڌو فراهم ڪيو ويو، حڪومت هاڻي ان منصوبي کي سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختوانخواهه تائين وڌائڻ ۾ مصروف آهي.
جهلم سان تعلق رکندڙ عامر نديم وزيراعظم عم??ان خان جي انهي قدم کي ساراهيندي چيو ته ان منصوبي سان غريب شهري?? کي بهترين سهولت ملي آهي، ??هڙا قدم تمام گهڻو اڳ کڻڻ گهرجن ها. هن پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولتن تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته پناهگاهن ۾ ماڻهن جي داخلا جو باقاعده طريقيڪار آهي، پاڪستان بيت المال هتي صفائي جا بهترين انتظام ڪيا آهي، ??ملو پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن سان ڀرپور تعاون ڪري ٿو. هن چيو ته انهن سهولتن جي فراهمي کانپوءِ اسان جو به فرض بڻجي ٿو ته اسان عملي سان تعاون ڪريون ۽ ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪريون.
صوابي ضلعي سان تعلق رکندڙ محمود حسن پناهگاهن ۾ فراهم ڪيل سهولت?? کي بهترين قرار ڏيندي چيو ته اها غريبن ۽ پورهيتن لاءِ بهترين سهولت آهي،ان کان اڳ غريب ماڻه?? کي شديد سرديءَ ۾ دڪانن جي ٻاهر ۽ فوٽ پاٿن تي سمهڻو پوندو هو، هاڻي پناهگاهن ۾ انه?? کي آرامده بسترا دستياب آهن جيڪا غريبن لاءِ تمام وڏي سهولت آهي.
جي نائين پناهگاهه جي شفٽ انچارج محمد عبيدالله عباسي ٻڌايو ته سندس انتظام هيٺ پناهگاهه ۾ 100 بسترا آهن جتي قيام ڪندڙ ماڻه?? کي رهائش ۽ کاڌي سميت طبي سهولتون به فراهم ڪيون وڃن ٿيون. هن ٻڌايو ته اهو منصوبو پاڪستان بيت المال جي نگراني هيٺ ڪم ڪري رهيو آهي، پناهگاهن ۾ ه?? باقاعده طريقيڪار تي عمل ڪيو وڃي ٿو، ??نه?? موجب پناهگاهه ۾ قيام جي خواهشمند ماڻهو جو سي اين آءِ سي ورتو وڃي ٿو ان مان حاصل ڪيل معلومات موجب ڪارڊ جاري ڪيو وڃي ٿو، ??نه?? تي بستري جو نمبر لکيل هوندو آهي. هن ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ قيام ڪندڙ?? کي سهولت جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٿي. عبيدالله عباسي وڌيڪ ٻڌايو ته پناهگاهن ۾ قيام ڪندڙن مان بيمار ماڻهن جي لاءِ ”پنهنجو ڊاڪٽر“ جي نالي سان باقاعده طبي سهولت موجود آهي. پناهگاه ۾ ڪنهن به بيمار ماڻهو کي ڏسڻ لاءِ آن لائين ڊاڪٽر دستياب هوندو آهي.
هڪ ٻي شفٽ انچارج ميمونه قريشي ٻڌايو ته پناهگاهه ۾ ايندڙ ماڻهن جو اڳ ۾ معائنو ڪيو وڃي ٿو ۽ انه?? کي سينيٽائيزر ۽ ماسڪ جي سهولت ڏني وڃي ٿي. رهائش جي فراهمي ۾ بزرگ ۽ بيمار ماڻه?? کي ترجيح ڏني وڃي ٿي ۽ انهن جي سهولت لاءِ اهڙا بسترا الاٽ ڪيا وڃن ٿا جتان انه?? کي واش روم تائين وڃڻ ۾ تڪليف نه ٿئي.