اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪرپٽ سسٽم کي ٺيڪ ڪرڻ ۾ وقت لڳي ٿو، تبديلي جدوجهد سان اچي ٿي سوئچ دٻائڻ سان نه، پيپلزپارٽي ۽ (ن) ليگ ملڪي نه ذاتي مفادن جي لاءِ گڏ ٿيا آهن، مخالف ڌر چاهي ٿي ته فوج تي ايترو دٻاءُ وجهون جو اها چونڊيل حڪو??ت ڪيرائي ڇڏي، ڪرپٽ عنصرن کي اين آر او ڏيڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو، عوام چورن جي لاءِ ٻاهر ناهي نڪرندي، موجوده حڪومت معيشت جي استحڪام لاءِ اهم ۽ مشڪل فيصلا ڪيا آهن، ملڪي روانگي واپار ۽ تعميراتي شعبو ترقي ڪري رهيا آهن، اقتصادي اشارا مثبت آهن، ٽيڪس نظام ۾ شفافيت جي لاءِ جديد ٽيڪنا??اج?? آڻينداسين، احساس پروگرام ۽ هيلٿ ڪ??رڊ حڪومت جا انقلابي قدم آهن، بيوروڪريسي جي ڍانچي ۾ سڌارا آڻي رهيا آهيون، ماضي جي وفاقي حڪومتن بلوچستان جي ترقي تي ڌيان نه ڏنو، اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي سان آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي، 2021ع جي آخر تائين پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي هر غريب خاندان وٽ هيلٿ ڪ??رڊ هوندو، فرقيواراڻي شدت پسندي ملڪ کي تمام ??هڻ?? نقصان پهچايو، ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي ڪري رهيو آهي، ڀارت جيستائين 5 آگسٽ 2019ع جا قدم واپس نه ٿو وٺي ان سان ڳالهيون نه ٿيون ٿي سگهن. سوشل ??يڊ??ا سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جن معاشرن ۾ اخلاقيات تي ڌيان ڏنو وڃي ٿو اهي ئي اڳتي وڌن ٿا، الله تعاليٰ اسان کي چڱائي برائي بابت واضح طور تي ٻڌائي ڇڏيو آهي، جڏهن اخلاقي طور تي قوم زوال جو شڪار ٿي وڃي ٿي ته پوءِ اها هر لحاظ سان زوال پذير ٿئي ٿي، ??يڊ??ا جو ڪم ملڪ ۾ اخلاقي قدرن ۽ قانون جي حڪمراني جي حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ آهي، ??يڊ??ا واچ ڊاگ جو ڪم ڪري ٿي.