اسلام آباد – 16 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت انتهاپسندي ۽ دهشتگ??دي جي ڳڙهي ۾ ڪري رهيو آهي، قوم جي بهادري جي ڪري پاڪستان ڳڙهن مان نڪري چڪو آئهي، ڀارت ۾ هندوتوا ۾ اضافي سان گڏوگڏ خطرناڪ هٿيار حاصل ??رڻ سان خطي جو ا??ن داءُ تي لڳي ويو آهي، ڀارت ايف اي ٽي ايف ۽ گڏيل قومن سميت هر عالمي فورم تي پاڪستان جي مخالفت ڪئي آهي ۽ پاڪستان تي دهشتگ??دي جا بنا جواز الزام لڳايا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.