اسلام ??باد – 10 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪورونا جي صورتحال جو قوم جي حيثيت ۾ مقابلو ڪرڻو آهي، وڌندڙ سرديءَ سان گڏ ڪورونا به ??ڌيڪ پکڙجڻ جو خدشو آهي، جلسا جلوس ڪندڙ عوام ??ون جانيون خطري ۾ وجهي رهيا آهن، جلسا جلوس ٻن ٽن مهينن کانپوءِ به ??ي سگهن ٿا، جلسن جلوسن سان حڪومت کي ڪو فرق نه پوندو، پي ڊي ايم جلسن جي ڪري ملتان ۾ 64 ۽ پشاور ۾ 40 سيڪڙو ڪورونا جي مريضن لاءِ اسپتالن ۾ مخصوص بستر ڀرجي چڪا آهن، جڏهن وڌيڪ ماڻهو گڏ ٿيندا ته ڪورونا تيزي سان پ??ڙجندو، عوام ??حتياطي تدبيرون اختيار ڪري ۽ پنهنجو پاڻ کي ڪورونا کان بچائي. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪورونا جي صورتحال بابت قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو.