اسلام آباد – 28 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪراچي جا پراڻا م??ئلا ان وقت تائين حل نه ٿا ٿي سگهن جيستائين ڪراچي جي عوام جي چونڊيل مقامي حڪومت جا نمائندا آئين جي روح موجب مالي، سياسي ۽ انتظامي طور تي خودمختيار نه ٿين. وفاقي حڪومت آئين جي آرٽي??ل 140 اي تي ان جي روح موجب مڪمل عملدرآمد جي حامي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري بيان موجب هن اٽارني جنرل کي هدايت ڪئي ته آرٽي??ل 140 اي تحت سپريم ڪورٽ آف پاڪستان ۾ داخل پٽيشن جي جلد ٻڌڻي ۽ فيصلي جي لاءِ اعليٰ عدليه کي فوري طور تي درخواست ڪئي ??ڃي.