اسلام آباد – 17 جون (ا?? پي پي) وزير??عظ?? عمران خان سان ڪراچي ۾ اتحادي پارٽين جي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل، نجڪاري وارو وفاقي وزير محمد ميان سومرو، سامونڊي معاملن واو وفاقي وزير سيد علي زيدي به موجود هئا، وزير??عظ?? سان ملاقات ڪندڙ وفد ۾ وسيم اختر، ڪنو?? نويد، ڪشور زهره، فردوس شميم نقوي، حليم عادل شيخ?? سيد آفريدي، اشرف قريشي، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، عرفان مروت، اياز لطيف پليجو، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا شامل هئا. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ماضي ۾ اقتدار ۾ رهندڙ سياسي قيادت عوامي خدمت نه ڪئي، هنن صرف پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اقتدار کي استعمال ڪيو.