اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ کي ٽيليفون ڪئي ۽ بجيٽ اجلاس جي لاءِ پارلياماني معاملا بهترين انداز ۾ هلائڻ تي مبارڪباد ڏني، ڳالهه ٻولهه دوران اوورسيز پاڪستانين ج?? ووٽنگ رائٽ جي لاءِ قانونس??زي تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ ??اران جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به شفاف ووٽنگ س??ٽم تي زور ڏنو. هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني قيمتي اثاثو آهن، فيصلاس??زي ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.