اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مناسب لفظن جي چونڊ سان موثر ميڊ??ا تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسان کي ڪا به خبر اڳتي وڌائڻ کان اڳ لازمي طور ??ي ان جي تصديق ڪ??ڻ گهرجي، ڪوڙي ۽ جعلي خبرن جي پٺيان سدائين هڪ ڳجهي ايجنڊا هوندي آهي جنهن جو مقصد قومن جي وچ ۾ ۽ معاشرن جي اندر تڪرارن کي هوا ڏيڻ هوندو آهي، اسان کي سوشل ميڊيا جي ذميواراڻي ۽ محتاط استعمال کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ عوامي سطح تي آگاهي پيدا ڪرڻي پوندي، دنيا ۾ اخلاقيات بدران واپار ??نصاف جو نئون پئمانو بڻجي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪنوينشن سينٽر ۾ تڪرارن ۽ ميڊيا جي ڪردار ??ي حوالي سان عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.