ڪوئيٽا – 23 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته بلوچس??ان جي عوام حڪومت ۽ سيڪيورٽي فورسز سا?? گڏجي پاڪس??ان کي غير مستحڪم ڪرڻ جي پرڏيهي سازشن کي مٽي ۾ ملائي ڇڏيو آهي، وزيراعظم عمران خان جو صاف ??وق?? آهي ته پاڪس??ان خطي ۾ ڪنهن جنگ جو حصو نه بڻجندو، پنهنجي خودمختياري ۽ قومي مفاد کي ٻين جي مفاد لاءِ هرگز قربان نه ڪنداسين، وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ بلوچس??ان سان ماضي ۾ ٿيندڙ ناانصافين کي ختم ڪري هر مرحلي تي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻائينداسين، وفاقي حڪومت پوري قوت سان پنهنجي اتحادي پارٽين ۽ بلوچس??ان جي وڏي وزير ڄام ڪمال سا?? گڏ بيٺل آهي، ا??ا ڳالهه هن ڪوئيٽا پريس ??لب جي دوري جي موقعي تي پريس ??انفرنس کي خطاب ڪندي ڪئي.