اسلام آباد – 09 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چي?? آهي ته ماضي ۾ غلطيون ڪر?? جنگين جو حصو بڻياسين ۽ وڏو نقصان کنيو، پاڪستان هاڻي ڪنهن به جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو، اسان امن ڪرائيندڙ ملڪ بڻجنداسين، ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ دوستي ڪرائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي به چي?? آهي ته اسان آمريڪا ۽ ايران جي دوستي ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون جنگ ڪ?? به کٽي نٿو سگهي، نوجوا?? ملڪ جو قيمتي اثاث?? آهن، هنرمند نوجوان پروگرام تحت کين اعليٰ تعليم ۽ هنر فراهم ڪنداسين جنهن سان هو ملڪ ??ي سپر پاور بڻائي سگهن ٿا، مدرسن جي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اتي به فني سکيا سينٽر قائم ڪيا پيا وڃن، پاڪستان سڄي مسلمان دنيا لاءِ مثال بڻجندو ۽ قيادت ڪندو، ماضي ۾ اسان ڪنهن ٻي ج?? جنگ ۾ حصو بڻجي تمام گهڻو نقصان کنيو، هاڻي پاڪستان ڪنهن ج?? جنگ ۾ شريڪ نه ٿيندو ۽ هي اهو ملڪ بڻجندو، جيڪو ملڪن جي اندر امن پيدا ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هنرمند پاڪستان پروگرام جي باقاعده آغاز جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو