اسلام آباد- 19 نومبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان ??امع، شفاف ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل گورننس طرف هڪ اهم قدم آهي، انهن قدمن سان پاليسي ۽ فيصله سازي ۾ عوام جي راءِ ۽ تجويزن جي شموليت يقيني بنائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ ??ي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ جي تقريب ۾ شرڪت تي خوشي آهي، اها شموليت طرف اسان ??ي سفر ۾ تبديلي، شفافيت ۽ ٽيڪنالاجي تي ٻَڌل نظم و نسق طرف هڪ قدم آهي. پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ نظم ۽ نسق ۾ طويل عرصي سان فائدي وارا رهيا آهن پر اسان ??و موجوده طريقيڪار ان ??ي پورو ناهي لٿو. انهن ۾ وسيلن ۽ شموليت جي کوٽ آهي ۽ اهو ايڊهاڪ ازم تي ٻَڌل آهي. ”ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان“ سان ??سان ??رف انهن چئلينجن کي ??ُنهن ڏئي سهگون ٿا پر اسان ملڪي ترقي لاءِ حڪومت ۽ شهرين جي شموليت، ان وچ ۾ سهڪار ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ کي ??قيني بڻائي رهيا آهيون. هن چيو ته اسان قومي پبلڪ پرائيويٽ ڊائلاگ فريم ورڪ 2022ع ۾ تيار ڪيو، ان ۾ شموليت، شفافيت ۽ احتساب کي ??قيني بڻائڻ لاءِ ڍانچه جاتي سڌارن، اداره جاتي هم آهنگي ۽ جديد ٽيڪنالاجي ??ي استعمال تي زور ڏنو آهي. هن چيو ته تخليقي مصنوعي ذهانت ۽ لارج لينگوئج ماڊلز جو استعمال، ان پليٽ فارم تي درست رهنمائي فراهم ??ري ٿو ۽ ثبوت تي ٻَڌل پاليسي سازيءَ کي ??عال ??ري ٿو. ان ??ان ڪارڪردگي ۽ شفافيت يقيني بنائن ۾ مدد ملندي. ان ۾ مڪمل رڪارڊ رکڻ جي صلاحيت موجود آهي. شفافيت ۽ اعتماد پيدا ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل ڊائلاگ پاڪستان پنهنجي صلاحيت کي ثابت ??ري ڇڏيو آهي. سميڊا جي سڄي ملڪ ۾ ڪاروباري عورتن جي مدد لاءِ ڪاروباري پاليسي تمام اهم آهي. صنعت ۽ پيداوار نئين انرجي وهيڪل پاليسي ذريعي جٽادار ۽ جدت لاءِ هڪ پاليسي فريم ورڪ جوڙيو آهي. انهن منصوبن جي نتيجن سان ??ابت ٿئي ٿو ته ٽيڪنالاجي ڪهڙي طرح تبديل ??ري سگهجي ٿي. اهو پليٽ فارم اسان کي جامع ۽ اثرائتي پاليسي سازي ۽ سيڙپڪاري ۾ مدد فراهم ڪندو. ان ??ي عملدرآمد خاص طور تي ايف سي ڊي او جي مالي حمايت سان ??يونيو موبلائزيشن انويسٽمينٽ اينڊ ٽريڊ پروگرام ۽ فني مهارت اسان ??ي ڀائيوارن جي تعاون کانسواءِ ممڪن ناهي. اسان ٽيڪنالاجي کي ??ضبوط بنائڻ لاءِ هڪ معيار قائم ڪيو آهي. سٺي حڪمراني لاءِ اهو پليٽ فارم ان ڳالهه کي ??قيني بڻائي ٿو ته شهرين جي ڳالهه ٻُڌي وڃي ۽ ان ??ي عمل ڪيو وڃي. حڪومت جامع ۽ شفاف گورننس لاءِ ٽيڪنالاجي مان فائدو کڻڻ لاءِ پُرعزم آهي. اچو ته اسان گڏ??ي ان ڊجيٽل دؤر کي اختيار ڪريون، وڌيڪ ڀائيواري جمهوريت بڻايون ۽ اهڙيون پاليسيون بڻايون جيڪي پاڪستان ??ي عوام جي حقيقي امنگن جي عڪاسي ڪندڙ هجن.