اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ روس وچ ۾ ٻطرفي سيڙپڪاري تي اهم بريڪ ٿرو ٿيو جنهن تحت اهم شعبن ۾ ايم او يوز تي ??حي??يون ڪيون ويون. روس ۽ پاڪستان وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ سياحت سميت ٻين شعبن ۾ گڏيل ڪاروباري سرگرميون ٿينديون. اهڙن خيالن جو اظهار نجڪاري واري وفاقي وزير عبدالعليم خان گذريل ڏ??نهن روس ۾ پاڪ – روس ٽريڊ اينڊ انويسٽمينٽ فورم ۾ ايم او يو تي ??حي??ين واري تق??يب ۾ شرڪت جي موقعي تي ڪيو. هن چيو ته روس جي دوري جو مقصد ٻنهي ملڪن جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن کي ڳنڍڻ آهي، پاڪستان ۽ روس وچ ۾ مفاهمت وارن يادداشت نامن تي ??حي??يون سٺو سنئوڻ آهي. تق??يب کي خطاب ڪندي روس جي واپار بابت ڊپٽي وزير اليڪسي گروز ديو چيو ته پاڪ – روس بزنس فورم ترقي جون نيون راهون هموار ڪند??. ا??م او يو جي تق??يب ۾ روس ۾ پاڪستان جي سفير خالد جمالي، روس ۽ پاڪستان جي سينيٽرن سميت ٻين اهم عهديدارن شرڪت ڪئي.