نيويارڪ- 20 آگسٽ (اي پي پي) آمريڪي صدارتي اميداوار ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته جيڪڏهن هو صدارتي چونڊن ۾ ڪامياب ٿيس ته ايلون مسڪ کي پنهنجو صلاحڪار بڻائڻ چاهيندس. پرڏيهي اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته نومبر ۾ ٿي??دڙ صدارتي چونڊن ۾ سندس ڪاميابي جي صورت ۾ آمريڪي واپاري ارب پتي ايلون مسڪ جي آمريڪ?? انتظاميه جو حصو بڻجڻ تي آجيان ڪئي ويندي. هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن هو وائيٽ هائوس واپس اچي ٿو ته هو ايلون مسڪ ??ي راضپي جي صورت ۾ کيس وزير يا صلاحڪار جي عهدي جي آڇ ڪرڻ چاهيندس، واضح رهي ته آمريڪي صدارتي چونڊون 5 نومبر تي ٿي??ديون.