GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

ملڪ سان بغاوت ۽ دشمني ڪندڙ سزا کان بچي نه سگهندا، پاڪستان جي جانبازن سدائين دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل آزاري، قوم ۽ فوج کي ورهائڻ جي منظم رٿابندي ڪئي وئي، ائين ٻيهر ڪڏهن ٿيڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 09 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ملڪ جي لاءِ شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ملڪ سان بغاوت ۽ دشمني ڪندڙ سزا کان بچي نه سگهندا، پاڪستان جي جانبازن سدائين دشمن جي اکين ۾ اکيون وجهي جواب ڏنو، 9 مئي تي شهيدن جي وارثن جي دل آزاري، قوم ۽ فوج کي ورهائڻ جي منظم رٿابندي ڪئي وئي، ائين ٻيهر ڪڏهن ٿيڻ نه ڏينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن اطلاعات واري وزارت جي اهتمام هيٺ شهيدن ۽ انهن جي خاندانن سان يڪجهتي جي اظهار جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته شهيدن جي وارثن جي وچ ۾ هجڻ فخر جي ڳالهه آهي، شهيدن دليري ۽ جرئت سان ملڪ جي حفاظت ۽ قوم جي ٻارن جي لاءِ راتين جو سرحدن تي پهرا ڏنا ۽ رات ۾ سمهندڙ لکين ٻارن جي حفاظت جي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، انهن پنهنجي ٻارن کي يتيم ڪري لکين ٻارن کي يتيم ٿيڻ کان بچايو، توهان جي عظمت کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي، توهان جي جرئت ۽ بهادري کي تاريخ سدائين ياد رکندي. هن چيو ته ميجر منيب افضل شهيد جي والد پنهنجي پٽ، مسز ڪرنل عابد شهيد ڪوئيٽا ۾ پنهنجي مڙس جي شهادت، مسز ميجر اڪبر اعواڻ ۽ ٻين شهيدن جي وارثن انهن جي جرئت ۽ ڪردار جي تاريخ بيان ڪئي ته انهن ڪهڙي طرح دشمن جو مقابلو ڪيو، انهن کي ختم ڪيو، الله تعاليٰ کي انهن جوانن جي شهادت منظور هئي. هن چيو ته شهيد پوري قوم جا هيرو آهن، انهن پنهنجي رت سان ملڪ جي حفاظت ڪئي، پوري قوم اڄ پنهنجي شهيدن ۽ غازين کي اهڙن لفظن ۾ ياد ڪري رهي آهي جيڪي سنهري لفظن ۾ به ليا وڃن ته انهن جي داستان جي تاريخ بيان نه ٿا ڪري سگهن. وزيراعظم چيو ته 2019ع ۾ دشمن هڪ ڀيرو ٻيهر لڪي وار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته پاڪستان جي هوابازن انهن جي اکين ۾ اکيون وجهي اهو جواب ڏنو جنهن سان انهن کي اڳتي اهڙي حرڪت ڪرڻ جي جرئت نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان انهن سپوتن جي ڪري قائم آهي، پاڪستان پاڻ کي جيڪو عالمي دنيا ۾ مڃرايو آهي، اهو انهن ئي عظيم شهيدن ۽ غازين جي ڪري مڃرايو آهي، ڀلي سيالڪوٽ ۾ ٽينڪن جي جنگ هجي يا دهشتگردن جو ديوانه وار تعاقب هجي يا انهن کي جهنم پهچائڻ جي لاءِ وڃڻ هجي يا ٻوڏ دوران ڪنهن جي جان بچائڻ هجي ته اهي ئي جوان اڳتي نظر اچن ٿا، پاڪستان ۾ جنگ، امن، طوفان، ٻوڏ يا ڪا مشڪل هجي ته اهي ئي شهيد ۽ غازي ملڪ جي حفاظت جي لاءِ سڀ کان اڳتي نظر اچن ٿا، اهي بهادري ۽ جرئت جا داستان آهن. شهباز شريف چيو ته بيهوده حربن جي ذريعي ڪنڌ جهُڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي، شهيدن جي وارثن جي دلين کي تڪليف پهچائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي وڃي، شهيدن جي قبرن جي بي حرمتي ڪئي وڃي ۽ اهي ادارا جيڪي پاڪستان جي سلامتي جي علامت آهن انهن جي تذليل ڪئي وڃي ته 25 ڪروڙ عوام اهڙيون حرڪتون برداشت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته 9 مئي جي سانحي ۾ جن ماڻهن جو ڪو ڪردار نه آهي انهن کي ڪير هٿ نه ٿو لڳائي سگهي، 9 مئي 2023ع تي رياست جي خلاف بغاوت ڪئي وئي، منظم منصوبابندي ڪئي وئي، ذميوارن کي هر صورت ۾ ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ انهن کي قانون موجب سزا ملندي ته جيئن جيستائين دنيا رهندي ڪير ائين سوچڻ جي جرئت نه ڪري سگهي. هن چيو ته شهيدن جا وارث اطمينان رکن 9 مئي سانحي ۾ ملوث ڪردارن جي خلاف قانون موجب فيصلا ٿيندا، دوست بڻجي ملڪ دشمني ڪندڙ بچي نه سگهندا. هن چيو ته عظيم شهيدن کي سلام پيش ڪريان ٿو، پاڪ فوج جي شهيدن جي وارثن جي ڀلائي ۽ تعليم جو انتظام مثالي آهي، اهڙو انتظام ٻين ادارن ۾ به هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته 9 مئي جي ڏينهن اسان جي شهيدن جي گهرڀاتين جي دلين تي قيامت گذري، اسان توهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون ۽ اڄ اهو وچن ڪريون ٿا ته جهڙي طرح 9 مئي تي توهان جي دلين کي ٺيس پهتو ائين ٻيهر نه ٿيڻ ڏينداسين، هي ڏينهن ملڪي تاريخ ۾ ڪڏهن به نه ايندو، 9 مئي تي هر محب وطن روئڻهارڪو هو، دوست نما دشمن جي دل سرشار هئي، حملي آورن ۽ انهن جي سرپرستن اڄ تائين رياست، قوم حالانڪه شهيدن جي گهرڀاتين کان به معافي ناهي ورتي، اهو ثبوت ۽ گواهي آهي ته اهو سياسي عمل نه پر بغاوت جو منظم منصوبو هو، واعدو ڪريان ٿو ته پاڪ فوج شهيدن جي وارثن جي خوشحالي، ٻارن جي علاج ۽ تعليم جي لاءِ شاندار قدمن ۾ حڪومت هر طرح سان شريڪ هوندي، قانون ۽ انصاف پنهنجو رستو اختيار ڪندو. هن چيو ته شهيدن جي وارثن جي عظيم قربانين کي ساراهڻ جي لاءِ لفظ گهٽ آهن، سمورا شرڪت ڪندڙ بيهي انهن جي لاءِ تاڙيون وڄائين جنهن تي شرڪت ڪندڙن بيهي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي لاءِ تاڙيون وڄايون. تقريب دوران ڳالهائيندي شهيدن جي وارثن 9 مئي جي ذميوارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جو مطالبو ڪيو. تقريب ۾ وفاقي وزيرن، اعليٰ فوجي عملدارن، رٽائرڊ سول ۽ فوجي آفيسرن ۽ شهيدن جي گهرڀاتين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ جي لاءِ هڪ نغمو پڻ جاري ڪيو ويو. تقريب جا شرڪت ڪندڙ شهيدن جي وارثن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي روئڻهارڪا ٿي ويا.

مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری کے اعدادوشمار
متعلقہ مضامین
مزید خبریں