اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڪشميرين ??ي ج??ئز حق، خودمختياري وارو حق حاصل ٿيڻ تائين ??نهن جي حمايت جاري رکندو، عالمي برادري والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ??لاف ورزين ??و نوٽيس وٺي، ڄمون قتل عام جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي هڪ پيغام ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 6 نومبر ڄمون ۽ ڪسمير جي تاريخ ۾ ڪارو ڏينهن آهي، ان ڏينهن سال پهرين، راشٽريه سويم سيوڪ سنگهه (آر ايس ايس) جي حامي ڊوگره فوج ۽ ڀارتي قابض فوج جنگ عظيم کانپوءِ پهرين وڏي نسل ڪشي ۾ ان خطي جي مسلمان آبادي کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي غرض سان منظم طريقي سان 237000 کان وڌيڪ مسلمانن کي شهيد ڪيو ويو هو، 5 آ??سٽ 2019ع تي ڀارت جي غير قانوني ۽ يڪطرفو قدم به ڄمون جي قتل عام جو افسوسناڪ تسلسل آهي، ڇو ته ان جو مقصد به والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردان ۽ چوٿين ??نيوا ڪنوينشن جي سراسري خلاف ورزي آهي،