اسلام آباد – 27 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڪشميري عوام جي حق پرست جدوجهد ۾ انهن جي نه ختم ٿيندڙ حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪريون ٿا. ڀارت جي غير انساني قدمن، وحشياڻي ڏاڍ، ”هندو توا“ آر ايس ايس، بي جي پي حڪومت جو انتها پسنداڻو چهرو بي نقاب ڪري ??ڏيو آهي، ڀارت جا قدم عالمي قان??نن?? سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين سان ڀارتي واعدن جي خلاف ورزي آهن، ڪشمير هڪ سال کان وڌيڪ عرصي کان پنهنجي گهرن ۾ قيد آهن، ڀارتي ظلمن جي انتها ۽ رياستي دهشتگردي جي باوجود ڪشميري عوام پنهنجي خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ لا??ِ پرعزم آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪشمير ۾ ڪاري ??هاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته 73 سال اڳ اڄوڪي ڏينهن ڀارتي فوج عالمي قانونن ۽ انسان?? اصولن جي خلاف ورزي ڪندي سرينگر ۾ لٿي، گذريل سال پنج آگسٽ تي ڀارت والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ تڪراري حيثيت ۽ ان جي آبادي ڍانچي کي تبديل ڪرڻ لا??ِ قدم کنيو، ڀارت جي غير قانوني ۽ هڪ طرفي قدمن کي ڪشميري عوام، پاڪستان ۽ عالمي برادري رد ڪيو.