اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته چين سان دوستاڻي لاڳاپن تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سياسي قيادت هڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مست??ڪم ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير يا??و جنگ جي اعزا?? ۾ ??نل آجياڻي جي موقعي تي ڪيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چين سان مضبوط لاڳا اس??ن جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن ۽ پاڪستان ۽ چين جي دوستي تاريخي ۽ مثالي آهي، هن چي وته سمورا ادارا ۽ سياسي قوتون چين سان لاڳاپن تي متحد آهن ۽ سي پيڪ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ سي پيڪ خطي جي ترقي جو لنگهه آهي.