اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي غيرقانوني، غاصباڻي ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي قرارداد جي ا??فاق راءِ سان منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سينيٽ جي ا??لاس ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي اها قرارداد ايوان ۾ پيش ڪئي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته سينيٽ آف پاڪستان والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين ۽ 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت پاران والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير جي آئيني حيثيت تبديل ڪر?? جي لاءِ ڪيل غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڀارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي ??د ڪرڻ کي ورجائي ٿو جنهن جو مقصد ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي غيرانساني قبضي کي ??رقرار رکڻ آهي. هي ايوان زور ڏي ٿو ته ڀارت جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن جي کليل خلاف ورزي آهي. هي ايوان ڀارتي حڪمران پارٽي بي جي پي پاران ڪوويڊ 19 جي عالمي وبا جو فائدو کڻندي والاري?? ڄمون ۽ ڪشمير ۾ نئون ڊوميسائيل قانون متعارف ڪرائ?? جي مذمت ڪري ٿو جنهن جو مقصد هندوتوا جي ايجنڊا کي ??ڳتي وڌائيندي خطي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي ??يرقانوني طور تي تبديل ڪرڻ آهي. قرارداد ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت جي واحد مسلمان اڪثريتي علائقي جي مسلمانن کي ??قليت ۾ تبديل ڪر?? جي لاءِ ڀارتي جو غيرقانوني قدم گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، ٻطرفن معاهدن ۽ عالمي قانونن بشمول چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي کليل خلاف ورزي آهي. قرارداد ۾ ڀارت جي هٿياربند فوج پاران ڪشميري نوجوانن کي ??علي مقابلن، ڇاپن ۽ تلاشين ۾ عدالت کان مٿانهون قتل ڪرڻ ۽ سينيئر ڪشميري اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ??راست ۾ وٺڻ ۽ قيد ڪر?? جي قدمن جي پڻ سخت مذمت ڪئي وئي آهي.