اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آه?? ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آه??، سنڌ ۾ ڪڻڪ جي گهٽتائي ۽ قيمتن ۾ اضافي جو سبب فلور ملن کي ڪڻڪ جاري نه ڪرڻ آه??، سنڌ ۽ پنجاب ۾ ڪڻڪ جي پيداوار وڌيڪ ٿي آه??، سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ رليز نه ڪرڻ سبب سنڌ جا ماڻهو مهانگي ڪڻڪ ۽ اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آه??. هو غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام سان گڏ پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪ??نف??نس کي خطاب ڪري رهيو هو. وفاقي وزير شبلي فراز چيو ته پنجاب ??ڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام لاءِ سبسڊي ڏيڻ سان گڏوگڏ وقت سر فلور ملن کي ڪڻڪ جاري ڪئي آه?? ان لاءِ پنجاب ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام آه??. هن چيو ته سنڌ حڪومت اهڙي صورتحال بڻائي ڇڏ?? آه?? جو سنڌ جي عوام کي هاڻي نقصان ٿي رهيو آه??. هن چيو ته هن سال پنجاب ۽ سنڌ ۾ ڪڻڪ جي وڌيڪ پيداوار ٿي آه??، ان جي باوجود مارڪيٽ ۾ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آه??. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي وقت سر قدم نه کڻڻ تي سنڌ جي عوام ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو خريد ڪري رهي آه??.