اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي هڪ ڀيرو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته ڪشمير تي پوري قوم متحد آهي، ڪشمير جي معاملي تي سفارتي ڪوششون وڌيڪ تيز ڪنداسين، اسان جي ??يندڙ منزل سري نگر آهي، جيڪا هاڻي گهڻو پري نه آهي، ڪشميرين سان ڀرپور يڪجهتي جي ??ظهار لاءِ 5 آگسٽ کي استحصال جو ڏهاڙو ڪري ملهائينداسين، صبح 10 وڳي سڄي ملڪ ۽ آزاد ڪشمير ۾ هڪ منٽ جي ??اموشي اختيار ڪئي ويندي، لاڪ ڊائون کانپوءِ دنيا کي احساس ڪرڻو پوندو ته ??ڪ سال کان قيد والاريل ڪشمير جي ماڻهن سان ڪهڙي حالت ٿي رهي آهي، وڏي جمهوريت جو ڀارتي حليو بي جي پي بگاڙي ڇڏيو آهي، ڀارت اڄ عال??ي سطح تي اڪيلو ۽ شائننگ انڊيا هاڻي برننگ انڊيا ۾ تبديل ٿي چڪو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز ۽ خاص معاون معيد يوسف سان گڏ ڪشمير جي ??والي سان پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ڪشميرين کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ غيرقانوني قدم کڻندي علائقي کي ٽن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪڌي ڪوشش ڪئي جنهن کي ڪشميري عوام ڪڏهن به قبول نه ڪيو. ڀارتي قدم جو مقصد ڪشميرين جي ورڇ ڪرڻ هو. پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ 2019ع ڪشميرين جي ??دوجهد ۾ نئين اضافي جو ڏينهن آهي ۽ آزادي جي ??دوجهد ۾ ڪشميرين جو رت به شامل آهي، اسان کي ڪشميري عوام جي مشڪلاتن جو مڪمل ادراڪ آهي، والاريل ڪشمير جي ??وام گذريل ??ڪ سال کان هر قسم جي پابندين سان انتهائي مشڪل زندگي گذاري رهي آهي. والاريل واديءَ گذريل ??ڪ سال کان فوجي گهيراءُ ۾ آهي ۽ واديءَ کي وڏي جيل ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. پرڏيهي وزير ان عزم کي ورجايو ته پوري پاڪستاني قوم خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪشميرين سان گڏ جدوجهد ۾ گڏ بيٺل آهي. هن چيو ته قوم ۾ شعور اجاگر ڪرڻو آهي ته قائداعظم ڪشمير کي ڇو پاڪستان جي ??هه رڳ سمجهندو هو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن جي ??نرل اسيمبلي کي خطاب ۾ ڪشمير تڪرار کي نئين زندگي ڏني آهي.