اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پاران ڪالهه آچر ڏينهن جاري تفصيل موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جا 25013 ٽيسٽ ڪيا ويا جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ 92624 م??يض صحتياب ٿي ويا آهن جيڪو نمايان انگ آهي. سڄي ملڪ ۾ 502 م??يض وينٽي ليٽر تي آهن جڏهن ته ڪورونا جي مريضن جي لاءِ 1562 وينٽي ليٽر رکيا ويا آهن. ملڪ ۾ 27 جون تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 4072 رهيو جڏهن ته مجموعي طور تي ايڪٽو ڪيسن جو انگ 106213 آهي. هيستائين 202955 ڪيسز سامهون آيا آهن. سنڌ ۾ 78267، پنجاب ۾ 74202، اسلام آباد ۾ 12395، گلگت بلتستان ۾ 1423، بلوچستان ۾ 10261، خيبرپختونخواهه ۾ 25380 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 1027 م??يض آهن. ڪورونا سبب 27 جون تي 83 ماڻهو فوت ٿيا آهن. جڏهن ته فوت ٿيندڙن جو مجموعي انگ 4118 ٿي ويو آهي. سنڌ ۾ 1243، پنجاب ۾ 1673، خيبرپختونخواهه ۾ 914، اسلام آباد ۾ 122، بلوچستان ۾ 144، گلگت بلتستان ۾ 24 ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 28 ماڻهو فوت ٿيا آهن. هيستائين 1239153 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا سهولتن وارين 768 اسپتالن ۾ 5342 م??يض داخل آهن.