اسلام آباد – 03 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته شهباز شريف جو نالو اي سي ايل ۾ وجهڻ جو معاملو غور هيٺ آهي، ان کي ڪنهن به وقت پڪڙي سگهجي ٿو، 50 روپين جي اسٽام پيپر تي ويندڙ جي ضمانت شهباز شريف ڏني، نواز شريف لنڊن ۾ خوش ??اش گهمي ڦري رهيو آهي، ان وٽ جڏهن اقتدار ناهي هوندو ته ملڪ مان هليو ويندو آهي، شريف خاندان جو سڀ ڪجهه ٻاهر آهي، ملڪ ۾ اهي صرف اقتدار لاءِ ايندا آهن، سياست کي ڪار??با?? بڻائيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، ڪنهن کي غلط فهمي نه هجڻ گهرجي، احتساب جو عمل ڪنهن به صورت ۾ نه رڪجندو، پي ٽي آءِ نظرياتي ماڻهن جي پا??ٽي آهي جيڪا موروثي سياست تي يقين نٿي رکي، حڪومت ايس او پيز متعارف ڪرائڻ کانپوءِ مرحليوار ۽ محدود پيماني تي معاشي سرگرمين جو آغاز ڪيو، ايس او پيز کي نظر انداز ڪيو ويو ته لاڪ ڊائون کي سخت ڪنداسين. هو پي آءِ ڊي ۾ ريلوي واري وفاقي پا??لياماني سيڪريٽري فرخ حبيب سان گڏ ميڊيا کي بريفنگ ڏئي رهيو هو، وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ڪورونا سبب ص??با??ي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي لاڏاڻي تي افسوس ٿيو آهي، ڪورونا وبا جو پاڪستان ۾ تيزي سان اضافو ٿيڻ لڳو آهي، حڪومت ڪورونا وبا جو مسلسل جائزو وٺي رهي رهي آهي، لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي نظر ۾ رکندي حڪومت غريب طبقي جي باري ۾ به سوچيندي آهي، هن چيو ته ڪورونا وبا کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي عمل ڪرڻ ضروري آهي عالمي سطح تي و??يون معيشتون به ڪورونا وبا جي چئلينج کي منهن نٿيون ڏئي سگهن، ڪورونا وبا کان بنا ڪنهن فرق جي ڪو به متاثر ٿي سگهي ٿو.