سيالڪوٽ – 14 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم جي ??طل??عات ۽ نشريات بابت خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته ??ولانا فضل الرحمان ۽ سندس ساٿين جي سياست کي عوام رد ڪري ڇڏيو آهي، جنهن کي عوام رد ڪيو آهي اهي چونڊيل حڪومت ڪيرائڻ جون سازشون ڪري رهيا آهن، ٻانهون کنجي عوام کي درس ڏيندڙ تبليغي ٽولي جي ڪرپشن جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي، مسيحا جو ويس بدلائي گهمندڙن جا ڪوڙا چهرا عوام جي سامهون بي نقاب ٿيڻ وڃي رهيا آهن، سيالڪوٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي خاص معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ??لڪي معيشت ۾ استحڪام کانپوءِ عوام جي رليف جون ٿڌيون هوائون هلي رهيو آهن، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي قيادت ۾ عوام کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، هن چ??و ته اهڙي طرح جي صورتحال ۾ جڏهن عوام جي ڀلائي ۽ ترقي لاءِ حڪومت قدم کڻي رهي آهي ته اهڙي ماحول ۾ سياسي يتيمن جو ٽولو پنهنجو پاڻ کي سياسي محاذ تي زنده رکڻ لاءِ لطي??ا ٻڌائيندو رهندو آهي.