اسلام آباد – 05 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته اڏاوتن جي شعبي جو فروغ حڪومت جي اولين ترجيح آه?? ڇو ته اڏاوتن جي شعب?? جي فروغ سان جتي ان شعبي سان واڳيل 40 جي لڳ ڀڳ وڏين صنعتن کي فروغ ملندو، اتي معاشي عمل تيز ٿيندو ۽ نوجوانن ۽ هنرمندن کي نوڪرين ۽ روزگار جا موقعا ميسر ايندا، وزيراعظم صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اڏاوتن جي شعبي سان لاڳاپيل صوبائي ٽيڪسز کي ممڪن حد تائين گهٽ ڪرڻ تي غور ڪيو وڃي ته جيئن اڏاوتن جي شعبي کي فروغ ملي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڏاوتن جي شعب?? جي فروغ، نئون پاڪستان هائوسنگ پروگرام تحت سڄي ملڪ ۾ گهرن جي تعمير خاص طور تي گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجي ذاتي ڇت جي فراهم?? جي حوالي سان حڪومتي منصوبي ۾ هيستائين جي اڳڀرائي جو جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.