اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد عل?? جناح کي قيام پاڪستان ۾ سندس ڪردار تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي قائداعظم جي فرمان اتحاد، ايمان ۽ تنظيم تي عمل ڪرڻ لاءِ قومي جذبي جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ کي درپيش سمورن چئلينجن تي ضابطو آڻي سگهجي. زندگي جي سمورن شعبن ۾ عظيم قائد جي نقش قدم تي هلندي قوم کيس ڀرپور خراج عقيدت پيش ڪري. قائداعظم محمد عل?? جناح جي يوم ول??دت تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد عل?? جناح ئي اها شخصيت آه?? جنهن جي ڪري هڪ آزاد ماحول ۾ اسان کي اک کولڻ جو موقعو مليو. قائداعظم محمد عل?? جناح ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ هڪ ويزن رکندو هو جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي شڪل ۾ هڪ ڌار مملڪت قائم ٿي، اڄ اسان کي باباءِ قوم جو يوم ول??دت ڀرپور طريقي سان ملهائڻ جي ضرورت آهي، قوم جي حيثيت سان اسان جي لاءِ سندس سالگرهه جو ڏينهن ملهائڻ فخر جوڳو آهي، وزيراعظم چيو ته هو پوري قوم جو نمائندو هجڻ جي حيثيت سان پنهنجي محبو?? قائداعظم محمد عل?? جناح سان ڀرپور محبت، عقيدت ۽ ٿوري جو اظهار ڪري ٿو.