ماسڪو- 5 جون (??ي پي پي)روس ترڪيه جي برڪس ملڪن جي گروپ جي رڪنيت ۾ دلچسپي جي آجيان ڪئي آهي. شنهوا مطابق ڪريملن جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته اسان ترڪيه جهڙي اهم اتحادي ۽ ٻين پاڙيسري ملڪن جي برڪس جي رڪنيت ۾ دلچسپي جي آجيان ڪيون ٿا.ممڪن آهي ته رڪنيت جي خواهشمند سمورن ملڪن جا مفاد مڪمل طور پورا نٿي سگهن پر برڪس رڪنيت ۾ دلچسپي رکندڙ سمورن ملڪن سان رابطن جي حق ۾ آهيون. واضح رهي ته روس 10 کان 11 جون تائين متوقع برڪس پرڏيهي وزيرن جي اجلاس ۾ شرڪت ??و اعلان ڪيو هو.