ارومچي – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ غريوم (اتر وزيرستان) اسمان منزه (ڏکڻ وزيرستان) ۾ دهشتگردن سان جهڙپن ۾ سيڪيور??ي فورسز جي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر ف??ج سان گڏ بيٺل آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو. هن چيو ته سيڪيور??ي فورسز گهرب?? دهشتگرد ??ضر?? زمان سميت 6 دهشتگردن کي ماريو. هن چيو ته پوري پاڪستاني قوم دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ پرعزم ۽ پنهنجي بهادر ف??ج سان گڏ بيٺل آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جيستائين پاڪ سرزمين تان دهشتگردي جو پاڙ کان خاتمو نٿو ٿي وڃي تيستائين دهشتگردن جي خلاف اسان جي جنگ جاري رهندي.