اسلام آباد-02 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاق?? وزير مدد علي سنڌي پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم جاري ڪيو آهي ته اها خانگي اسڪولن جي سالياني رجسٽريشن لاءِ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس لازمي بڻائي. وفاق?? وزير ۽ پيرا جي چيئرپر??ن ڊاڪٽر سيده ضياء بتول وچ ۾ ن ملاقات ٿي. وفاق?? وزير جي حڪم تحت وفاق ۾ 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس سمورن خانگين اسڪولن جي رجسٽريشن جو لازمي ح??و بڻائي وڃي. گذريل ڏينهن وفاق?? وزير پرائيويٽ ايجوڪيشنل انسيٽيوشنز ريگيوليٽري اٿارٽي (پيرا) کي حڪم ڏنو آهي ته 10 سيڪڙو نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس سمورن خانگي اسڪولن کي ڏيڻ گهرجن. وفاق?? وزير کي ٻُڌايو ته ويو ته ان آرڊر تي عملدرآمد ٿي چڪ آهي، هاڻ هر سال پيرا کان رجسٽريشن ڪرائيندڙن لاءِ خانگي اسڪولن تي لازم هوندو ته اهي 10 سيڪڙو شاگردن کي نيڊ بيسڊ اسڪالرشپس ڏين. مدد علي سنڌي چيو ته اها اسان سڀني جي ذميواري آهي ته هر طبقي کي گڏ کڻي هلون. هن چيو ته هر ٻار جي تعليم اسان جي ذميواري آهي، جنهن کي اسان پوري ايمانداريءَ سان پورو ڪنداس??ن. ??سلام آباد ۾ 1400 خانگي اسڪول آهن جيڪي ان تي عمل ڪندا.