اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ مستونگ ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ب??ان موجب نگران وزيراعظم مستونگ ڌماڪي ۾ جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ حافظ حمدالله سميت ٻين ماڻهن جي زخمي ٿيڻ ت?? گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. نگران وزيراعظم چيو ته جمعيت علماءِ اسلام جي اڳواڻ تي حملو هڪ بزدلاڻو فعل آهي جنهن جي ڀرپور لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو. هن چيو ته مون سميت ??ور?? قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آهي. هن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي.