اسلام آباد – 28 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي ??زير مريم اورنگزيب چيو آهي ته و??يراعظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي مختصر دوري تي روانو ٿي ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وفاقي ??زير چيو ته و??يراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر محمد بن زايد النهيان سان ملاقات ڪندو ۽ سندس ڀاءُ شيخ سعيد بن زايد النهيان جي لاڏاڻي تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران تعزيت جو ا??هار ڪندو. مريم اورنگزيب دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم شيخ سعيد بن زايد النهيان کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ سوڳوار خاندان کي اهو ناقابل تلافي نقصان برداشت ڪرڻ جي همت ڏي.