اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ تيزي سان تبديل ٿيندڙ جيو پوليٽيڪل منظرنامي جي ڏس ۾ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي گهڻ رخي هجڻ گهرجي، پاڪستان سدائين بلاڪس جي ??ياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي ??نيادي محرڪ طور تعاون جي ??مايت ڪئي آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد (آئي ايس ايس آئي) جي 50 هين يوم تاسيس جي ??قريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙي پرڏيهي پاليسي تي عمل ڪري رهي آهي جنهن جو مقصد قومي چئلينجن کي منهن ڏيڻ، شين ۽ خدمتن تائين پهچ کي بهتر بڻائڻ، خودمختيار فيصلاسازي جو تحفظ ۽ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون کي فروغ ڏيڻ آهي. هن چيو ته ملڪ جي مقامي مسئلن کي حل ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپن جي ??لد نئين سر جوڙجڪ، اهم گادي وارن شهرن سان اعتماد جي ??حالي ۽ روايتي حصيدارن سان وسيع تر مصروفيتن کي بحال ڪرڻ جي ??رورت آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان آمريڪا ۽ چين کانسواءِ يورپ، روس، جاپان ۽ آسيان سميت سمورين وڏين طاقتن سان سٺا لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهيون، پاڪستان سعود?? عرب، گڏيل عرب امارات، ترڪيءَ، ايران ۽ قطر سان حصيداري کي مضبوط ۽ گهرو ڪيو آهي، ان کانسواءِ پاڪستان جي ??فريقا سان رابطن ۾ پڻ مثبت رجحان ڏسڻ ۾ آيو. هن چيو ته پاڪستان سدائين بلاڪس جي ??ياست جي مخالفت ڪئي ۽ عالمي لاڳاپن جي ??نيادي محرڪ طور تعاون جي وڪالت ڪئي آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پائيدار ۽ فائديمند رهي آهي، پاڪستان، چين پاڪستان اقتصادي لنگهه جي ڪاميابي جي لاءِ پوري طرح پرعزم آهي. سي پيڪ جي ??فغانستان ۽ اولهه تائين توسيع ڪنيڪٽيوٽي ۽ اقتصادي انضمام جي ??يجنڊا کي وڌيڪ اڳتي وڌائيندي. پاڪ آمريڪا لاڳاپن تي پرڏيهي وزير چيو ته پرو ايڪٽو آئوٽ ريچ جي نتيجي ۾ ٻنهي طرفن کان اعليٰ سطح جا دورا ٿيا آهن ۽ اميد آهي ته ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا. هن چيو ته روس سان پاڪستان اعتماد جي ??نياد تي لاڳاپا قائم ڪرڻ جو سلسلو جاري رکيو آهي ڇو ته ڪيترن ئي شعبن ۾ ان جو ادراڪ ڪرڻ جي ??مام گهڻي صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته روس ۽ يوڪرين جي ??وست جي ??يثيت سان پاڪستان جاري بحران جو پرا??ن خاتمو چاهي ٿو. هن چيو ته ڀارت سان لاڳاپا بنيادي طور تي 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غيرقانوني ڀارتي قدم جي ڪري عدم اعتماد جي ??لامت آهن جيڪي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير بابت آهن. هن چيو ته پاڪستان ڀارت سان گڏيل ا??تر??م، خودمختياري ۽ برابري جي ??نياد تي سٺن پاڙيسري لاڳاپن جي لاءِ پرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته اڳتي وڌڻ جي لاءِ ??ارت کي امن جي ??اهه ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ 5 آگسٽ جي هڪطرفي قدم کي واپس وٺڻو پوندو. هن چيو ته پاڪستان علائقائي ۽ عالمي فورمن تي سرگرم رهيو آهي ۽ ٻطرفن مسئلن جي ??اوجود شنگهائي تعاون تنظيم ۾ شرڪت پاڪستان جي ??نگهائي تعاون تنظيم سان وابستگي جو اشارو آهي. افغانستان جي ??والي سان پرڏيهي وزير عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها ان حوالي سان عملي موقف اختيار ڪري ۽ ڪنهن به انساني آفت کي روڪڻ ۽ ان جي معيشت جي نئين سر تعمير ۾ مدد فراهم ڪرڻ جي لاءِ مدد جاري رکي. اهڙي طرح هن طالبان عملدارن تي پڻ زور ڏنو ته اهي عالمي برادري جي ??ميدن تي پورو لهن ۽ انساني حقن جو ا??تر??م ڪن. پرڏيهي وزير 50 هين يوم تاسيس جي موقعي تي ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ۽ آئي ايس ايس آئي جي ڪردار کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي ادارو ترقي جون منزلون طئي ڪندو رهندو. ان کان اڳ آئي ايس ايس آئي جي ڊائريڪٽر جنرل سهيل محمود 1973ع ۾ آئي ايس ايس آئي قائم ٿيڻ کان وٺي اڄ تائين جو تاريخي جائزو پيش ڪيو. هن چيو ته هڪ اهم رياست هجڻ جي ناطي پاڪستان جو خطي ۾ ڪردار وڏي اهميت رکندڙ آهي.