اسلام آباد – 20 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته محنت ۽ عزم ??ان قائد جو پاڪستان ترقي جون منزلون طئي ڪندو، گذريل دور ۾ پاڪستان ۾ ترقي جو سفر رڪيل رهيو، سي پيڪ منصوبي تي غيرضروري تنقيد ڪئي وئي، چين، سعودي عرب، گڏيل عرب امارات ۽ قطر هر مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏنو، نواز شريف پاڪستان کي دهشتگردي ۽ لوڊشيڊنگ کان ڇوٽڪارو ڏياريو، پاڪستان کي بلندين تي وٺي وڃڻ جو سفر مشڪل ضرور آهي پر اختلاف ختم ڪري ا??ان قوم کي عظيم بڻائينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن مارگلا ايونيو جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته مارگلا ايونيو، 20 ارب رپين جي ڳوٺاڻي ترقي ۽ خوشحالي جي پئڪيج ۽ سوئيٽ هومز جي لاءِ ڪوچز، اسلام آباد ۽ ٻين علائقن جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، ماضي جي سستي ۽ ڏوهاري غفلت ??ان اسلام آباد جا شهري انهن منصوبن کان ڪيترن ئي سالن تائين محروم رهيا، پاڪستان کي غيرمستحڪم ۽ ڊي ريل ڪرڻ جون سازشون ڪيون ويون، 9 مئي تي انهن جي سازش ۽ ملڪ دشمني انتها تي پهچي وئي ۽ اهو ڪم ٿيو جيڪو دشمن به سوچي نه ٿي سگهيو. هن چيو ته سي ڊي اي چيئرمين ۽ حنيف عباسي سميت مسلم ليگ (ن) جي قيادت ڏينهن رات محنت ڪئي ان تي انهن کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اهو خدمت جو اهڙو ذمو کنيو آهي جنهن جي عوام سالن کان منتظر هئي، نواز شريف جي دور جي پڄاڻي کانپوءِ ترقي جو سفر رڪجي ويو، اين ايل سي ۽ ايف ڊبليو او کي شهري علائقن ۾ رستا ٺاهڻ جي اجازت منهنجي وزارت اعليٰ جي دور ۾ ملي. هن هڪ معياري ڪم ڪيو، ڊي جي ايف ڊبليو او انهي معيار کي واپس آڻي، ان ۾ صلاحيت ۽ هنر ??ان گڏوگڏ مهارت به آهي ۽ ان وٽ مشينري به آهي. هن گهرو وزير کي هدايت ڪئي ته هو پنهنجي ٽيم باڪو وٺي وڃي، آذربائيجان قدرتي وسيلن ??ان مالامال آهي، باڪو شهر ڏسڻ وٽان آهي، ان جا رستا شاندار آهن، اتان جي ترقي مان تجربو حاصل ڪيو وڃي، ٻوڏ ۾ آذربائيجان 5 ملين ڊالر جي روڪ امداد فراهم ڪئي. وزيراعظم چيو ته هي سال انتهائي مشڪل هو، پاڪستان ضرور قائد جو پاڪستان بڻجندو، چين ??ان جوهري توانائي ??ان هلندڙ بجلي گهر جو معاهدو ڪيو آهي، اهو نواز شريف جو ويزن هو، چين پاڪستان جو اهو د??ست آهي جنهن ڪڏهن به مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ نه ڇڏيو، سعودي عرب به سدائين غيرمشروط مدد ڪئي. هن چيو ته عمران نيازي الزام بازي ڪئي، سمورا منصوبا ٺپ ڪيا، سي پيڪ جي منصوبن ۾ مون تي 45 سيڪڙو ڪميشن کائڻ جو الزام هنيو، چين پاڪستان ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ڪئي ان تي ان جا ٿورا ادا ڪرڻ بدران بي بنياد الزام بازي ڪئي وئي، پاڪستان جي بي توقيري ڪئي وئي، عمران نيازي 4 سال مون کي مختلف عدالتن ۾ گهمايو، الله جو شڪر آهي ته هر شيءَ واضح ٿي وئي، اڄ چين جي سرڪاري ڪمپني ا??ان جي ڪوششن ??ان 2017ع جي قيمتن تي ناڻي واڌ جي باوجود 30 ارب رپين جي رعايت ڏني، محنت، امانت ۽ ديانت ??ان جيڪا ذميواري ا??ان کي ڏني وئي آهي ان کي نڀايون ته ان ??ان ئي ا??ان جي آخرت سنورجي سگهي ٿي، قومون ڏينهن رات محنت ۽ امانت ۽ ديانت ??ان ٺهنديون آهن، پاڪستان مان لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۾ چيني سيڙپڪارن جون ڪوششون پڻ شامل هيون جن هتي بجلي جا ڪارخانا هنيا، نواز شريف حڪومت پنهنجي وسيلن ??ان 5 هزار ميگاواٽ جا ايل اين جي منصوبا هنيا، ا??ان جي زراعت، صنعت بري طرح ان لوڊشيڊنگ کان متاثر ٿي هئي. هن چيو ته هي ملڪ ۽ قوم بهادر آهن ان ۾ پيشيواراڻي مهارت آهي، زرعي زمين، جبل، درياءَ آهن تنهن هوندي به عزم جي کوٽ آهي، ڪم ڪرڻ جو پڪو ارادو جيڪڏهن اڄ به هجي ته ا??ان ترقي جون منزلون طئي ڪري سگهون ٿا، اختلاف ختم ڪري ا??ان فتنه سازي ۽ سازشن کي دفن ڪري هڪ قوم وانگر اڳتي وڌون ته جنهن سفر ۾ ا??ان تمام گهڻو پٺتي رهجي ويا آهيون ته ان قوم کي عظيم بڻائڻ جي لاءِ جنهن قدر قربانيون گهربل هونديون اهي ڏينداسين، پاڪستان کي بلندين تي وٺي وڃڻ جو سفر مشڪل ضرور آهي پر ناممڪن نه آهي. مارگلا ايونيو جي افتتاحي تقريب ۾ سي ڊي اي چيئرمين نورالامين مينگل ان منصوبي جي حوالي ??ان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته مارگلا ايونيو جاڙن شهرن جي لاءِ آهي، اهو منصوبو سي ڊي اي ۽ اين ايڇ اي جو گڏيل آهي، هن وقت سي ڊي اي 100 ارب رپين جي انف??اس??رڪچر ۽ نئين سيڪٽرن جي ڊيولپمينٽ جي منصوبن تي عمل ڪري رهي آهي جڏهن ته پهريون ڀيرو 20 ارب رپين جي ڳوٺاڻي علائقن جو ترقياتي پئيڪج پڻ ان ۾ شامل آهي. وزيراعظم ان موقعي تي سڪندر اعظم روڊ جي نئين سر تعمير ۽ توسيع جي منصوبي جو پيڙهه جو پٿر رکيو.