اسلام آباد- 09 جون (اي پي پي) ناڻي وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چي آهي ته بجيٽ ۾ مهمند ڊيم لاءِ 10 ارب 50 ڪ??وڙ رپيا ۽ داسو ڊيم لاءِ 58 ارب رپيا فراهم ڪي?? ويندا. بجيٽ تقرير ۾ ناڻي واري وزير چيو ته گذريل سال مهمند ڊيم جي تڪميل لاءِ 12 ارب رپيا فراهم ڪي??. ايندڙ مالي سال ۾ به ان منصوبي لاءِ 10 ارب 50 ڪ??وڙ رپين جي رقم رکي پئي وڃي. هن چيو ته اهڙيءَ طرح 2160 ميگاواٽ گنجائش رکندڙ داسو هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ ترجيحي بنيادن تي تقريبن 59 ارب رپين جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. ناڻي واري وزير چيو ته ديامير ڀاشا ??يم لاءِ 20 ارب رپيا فراهم ڪي?? ويندا. ٻين اهم منصوبن ۾ 969 ميگاواٽ جي نيلم جهلم هائيڊرو پاور پراجيڪٽ لاءِ 4 ارب 80 ڪروڙ رپيا، تر??يل?? هائيڊرو پاور جي گنجائش ۾ واڌ لاءِ 4 ارب 45 ڪروڙ رپيا ۽ وارسڪ هائيڊرو اليڪٽرڪ پاور اسٽيشن جي بحاليءَ لاءِ 2 ارب 60 ڪروڙ رپين جي رقم فراهم ڪئي ويندي. هن چيو ته انهن منصوبن سان زرعي شعبي لاءِ پاڻي جي فراهمي ۽ سستي بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو.