اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪامسٽس يونيورسٽي پاران داخلا ملتوي ڪرڻ جي خلاف شاگرد جي اپيل منظور ڪندي يونيورسٽي کي شاگرد کي ڊگري مڪ??ل ڪرڻ جو موقعو ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر چيو ته ڪامسٽس يونيورسٽي شاگرد کي ڊگري مڪ??ل ڪرڻ جو موقعو ڏي. يونيورسٽي 7 سي??سٽر مڪمل ٿيڻ کانپوءِ شاگرد جي داخلا ملتوي ڪري ڇڏي هئي. تفصيل موجب حماد بن زين جي داخلا 2017ع ۾ گهٽ نمبر حاصل ڪرڻ جي بنياد تي ساڍا 3 سالن کانپوءِ ملتوي ڪئي و??ي. صدر چيو ته حيرت جي ڳالهه آهي ته يونيورسٽي ايتري وڏي غلطي ڪئي، حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ساڍا 3 سالن کانپوءِ شاگرد کي ٻڌايو ته هو داخلا جو اهل نه آهي. صدر چيو ته شاگرد 8 سي??سٽرن جي فيس ادا ڪئي ۽ 7 سي??سٽر مڪ??ل ڪيا، شاگرد جي غلطي نه هجڻ جي باوجود ان جو مستقبل داءُ تي لڳي ويو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته انصاف جي گهرج آهي ته شاگرد کي ڊگري پروگرام مڪ??ل ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي. تفصيل موجب حماد بن زين (شڪايت ڪندڙ) وفاقي م??تس?? کي ڪامسٽس جي خلاف شڪايت داخل ڪرائي هئي، شاگرد موقف اختيار ڪيو ته اهليت جو معيار جانچڻ يونيورسٽي جي ذميواري آهي. شاگرد جو موقف هو ته جيڪڏهن هو گهربل معيار تي پورو نه لهندو هو ته 2017ع ۾ ان کي داخلا ئي نه ڏيڻ گهرجي ها. وفاقي م??تس?? يونيورسٽي کي رڳو معاملي جي انڪوائري ڪرڻ ۽ قصوروار اهلڪارن کي غلفت جو ذميوار قرار ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ريليف نه ملڻ تي شاگرد وفاقي م??تس?? جي فيصلي جي خلاف صدر کي اپيل ڪئي جنهن تي صدر شاگرد جي اپيل منظور ڪندي وفاقي م??تس?? جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته شاگرد پنهنجي ڊگري پروگرام جا ساڍا 3 سال مڪ??ل ڪري چڪو آهي، شاگرد تي غلط بياني جو ڪو الزام نه آهي، ان کي يونيورسٽي انتظاميا جي غفلت جو خميازو ڀوڳڻ نه گهرجي، داخلا ملتوي ٿيڻ سان شاگرد جو وقت، پئسو ۽ محنت ضايع ٿيندي. هن چيو ته يونيورسٽي حماد بن زين جي داخلا بحال ڪري، م??تس?? کي تعميل جي رپورٽ ڏي.