اسلام آباد ??? 02 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته قانونسازي سان شفاف ۽ منصفاڻو نظام ڏنو ويو آهي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني اختيارن جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين ويندي، پارليامينٽ پنهنجي آئيني حقن جي تحفظ ۽ دفاع جو ڀرپور حق رکي ٿو. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو قانونسازي جو آئيني اختيار ڪير به کسي نه ٿو سگهي، عدليه جو اختيار آئين ۽ قانون جي تشريح ڪرڻ آهي، آئين ”ري رائٽ“ ڪرڻ يا قانونسازي جي اختيار تي ??ابندي هڻڻ عدليه جو اختيار نه آهي. هن چيو ته پارليامينٽ وڪيل برادري، بار ڪائونسلز ۽ ايسوسيئيشنز جي پراڻي مطالبي تي ??انونسازي ڪئي. آرٽيڪل 184 (3) بابت قانونسازي سان عدليه جي اختيار، آزادي ۽ خودمختياري ۾ ڪا به گهٽتائي ناهي ڪئي وئي، ان قانونسازي سان ”ون مين شو ۽ امپيريل ڪورٽ“ جهڙا اعتراض ختم ڪيا و??ا، سپريم ڪورٽ جا ٽي سينيئر موسٽ ججز مشاورت سان اهي اختيار استعمال ڪندا.