اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) وفاق?? گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس ۾ گڏيل قومن جي تعاون سان گڏيل قومن جي امن مشن جا 75 سال ملهائڻ جي لا??ِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ 2 لک کا?? وڌيڪ پاڪستاني عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪيو ويو جن 1960ع کان هيستائين گڏيل قومن جي 46 مشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن انهن مان 171 پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي چڪا آهن. پرڏيهي آفيس موجب جاري گڏيل بيان موجب پاڪستان گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ ۾ سڀ کا?? وڌيڪ دستا ڏيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي جتي هن وقت اٽڪل 4334 فوجي ۽ پوليس اهلڪار سڄي دنيا ۾ 9 جاين تي خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن. پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان کي گڏيل قومن جي امن مشن ۾ پنهنجي پراڻي وابستگي ۽ حصيداري تي فخر آهي. مملڪتي وزير پوري دنيا ۾ امن جي گڏيل هدفن کي اڳتي وڌائڻ جي لا??ِ گڏيل قومن جي امن دستن ??ي خدمتن ۽ قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي لا??ِ پاڪستان جي مضبوط عزم ۽ حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان ۾ يو اين ڊي پي جي نمائندي نٽ اوسٽبي گڏيل قومن پاران ڳالهائيندي چيو ته هن وقت امن دستن ??ان واڳيل 80 هزار کا?? وڌيڪ عورتون ۽ مرد سڄي دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ جو انتهائي اهم ڪم سرانجام ڏئي رهيا آهن، اسان پاڪستان جا به ٿورا مڃون ٿا جيڪو عالمي سطح تي امن قائم ڪرڻ ۾ پنجون سڀ کان وڏو تعاون ڪندڙ ملڪ آهي. هن چيو ته گڏيل قومن کي ٽن ٿنڀن تي ڪم ڪرڻ جي لا??ِ بڻايو ويو ويو جيڪي پاڻ ۾ ڳنڍيل آهن جنهن ۾ امن، ترقي ۽ انساني حق شامل آهن. هن چيو ته اسان امن کي ماڻهن جي وچ ۾ افهام تفهيم، دنيا کي اڳتي آڻڻ جي لا??ِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش طور ڏسون ٿا. ان موقعي تي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حڪومت، غيرملڪي سفارتخانن، گڏيل قومن جي ايجنسين ۽ ترقياتي حصيدارن جي نمائندن جي موجودگي ۾ پاڪستاني امن دستن ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي ڪم جي تصويرن جي نمائش جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ گڏيل قومن جا نمائندا، پرڏيهي وزارت ۽ آرمي جنرل هيڊڪوارٽر (جي ايڇ ڪيو) جي پاليسي سطح جي اعليٰ عملدارن ۽ گڏيل قومن جي مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ هڪ عورت جنهن جمهوريه ڪانگو ۾ پاڪستاني امن دستي ۾ شرڪت ڪئي هئي، سان ٻه بحث سيشن به شامل ڪيا ويا هئا. پينلسٽس گڏيل قومن جي امن قائم ڪرڻ جي اهم ڪردار، ان جي ارتقا ۽ ان عظيم ڪوشش ۾ پاڪستان جي تعاون بابت پنهنجي خيالن جو اظهار ڪيو. گذريل هفتي نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس 4200 کا?? وڌيڪ گڏيل قومن جي امن فوجين جي ياد ۾ گلن جي چادر چاڙهي جن 1948ع کان وٺي هيستائين امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا جن ۾ 171 پاڪستاني شهري به شامل هئا. انتونيو گوٽريس هڪ تقريب جي صدارت ڪئي جنهن دوران 103 فوجي، پوليس ۽ سويلين امن دستن کي شهيد ٿيڻ کانپوءِ ”ڊيگ همارسڪ جولڊ“ ميڊلز سان نوازيو ويو جن ۾ 8 پاڪستاني به شامل آهن جن گذريل سال امن برقرار رکڻ ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا. پنهنجي پيغام ۾ سيڪريٽري جنرل چيو ته گڏيل قومن جا امن دستا پرامن دنيا جي لا??ِ اسان جي عزم جو ڌرڪندڙ دل آهي، انهن 75 سالن کان سڄي دنيا ۾ تڪرارن ۽ وڳوڙ کان متاثر ماڻهن ۽ ڪميونٽيز جي حمايت ڪئي آهي، اڄ گڏيل قومن جي امن دستن ??ي عالمي ڏينهن جي موقعي تي اسان عالمي امن ۽ سلامتي جي لا??ِ انهن جي غيرمعمولي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. عالمي سطح تي 87 هزار کا?? وڌيڪ عورتون ۽ مرد آفريقا، ايشيا، يورپ ۽ وچ اوڀر جي 12 تڪراري علائقن ۾ امن برقرار رکڻ ۾ مدد ڪري رهيا آهن. گڏيل قومن جا امن دستا سلامتي، سياسي ۽ امن سازي ۾ مدد فراهم ڪن ٿا ته جيئن ملڪن کي تڪرارن کان امن طرف منتقلي ۾ مدد ملي سگهي. 1948ع کان وٺي هيستائين 125 ملڪن جي 20 لک کا?? وڌيڪ امن دستن ??ڄي دنيا ۾ 71 آپريشنز ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون آهن. گڏيل قومن جي امن دستن ??و عالمي ڏينهن هر سال 29 مئي تي ملهايو وڃي ٿو، جيڪو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 2002ع ۾ قائم ڪيو هو. گڏيل قومون امن قائم ڪرڻ ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورين عورتن ۽ مردن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو ۽ انهن ماڻهن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿو جن امن جي لا??ِ پنهنجي جانين جا نذرانا ڏنا.