اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان امن، استحڪام، ترقي ۽ انساني حقن تي پڪو يقين رکي ٿو، گڏيل قومن جي انتظام هيٺ پاڪستان دنيا جي وڳوڙي علائقن ۾ امن قائم ڪ??ڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري رهيو آهي، پاڪستاني پيس ڪيپرز س??ي دنيا ۾ امن قائم ڪ??ڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي امن دستن جي 75 هين سالگرهه تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير چيو ته اسان جي پيس ڪيپرز س??ي دنيا ۾ امن جي لاءِ جانين جون قربانيون ڏنيون آهن، 177 پاڪستاني پيس ڪيپرز امن جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪيا آهن. حنا رباني کر چيو ته پاڪستان جي يو اين پيس سان تاريخي حصيد??ري آهي ۽ پاڪستاني پيس ڪيپرز س??ي دنيا ۾ امن قائم ڪ??ڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، گذريل سال 8 پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قومن جي جهنڊي هيٺ شهادت ماڻي. پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته پاڪستاني عورتون زندگي جي هر شعبي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هن گڏيل قومن جي ڪمان هيٺ امن دستن جي دنيا جي مختلف علائقن ۾ خدمتن ۽ امن قائم ڪ??ڻ جي لاءِ انهن ڀرپور ڪوششن جو ذڪر ڪندي زبردست لفظن ۾ خراج تحسين پيش ڪيو. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته گڏيل قومن جي امن فوج جي 75 سالا تاريخ ۾ هيستائين وڏي انگ ۾ پاڪستاني پيس ڪيپرز گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ بهادري سان خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.