اسلام آباد – 22 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ قومي راندين جي مقابلن جو ??نعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي، هي ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني بهادر قوم مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو ??ستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي. پنه??جي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته اڄ هن پاڪستان جي 34 هين راندين جي قومي مقابلن جو ??فتتاح ڪيو، ڪوئيٽا ۾ 19 سالن کانپوءِ اهي رانديون من??قد ٿي رهيون آهن. هن چيو ته منه??جي لاءِ اها اعزاز جي ڳالهه آهي ته انهن راندين جو ??فتتاح قائداعظم محمد علي جناح 1948ع ۾ ڪيو هو ۽ اڄ مون کي بطور خادم پاڪستان انهن راندين جي شروعات ڪرڻ جو موقعو مليو، اڄ جو ڏينهن ان لاءِ به انتهائ?? ا??ميت رکندڙ آهي ته انهن راندين جو ??نعقاد پاڪستاني قوم جي دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ فتح جو نشان آهي. وزيراعظم چيو ته پوري ملڪ مان آيل 6000 رانديگرن سان ڀريل ايوب اسٽيڊيم ستارن جي هڪ ڪهڪشان جو منظر پيش ڪري رهيو هو، مون ک?? ا??و ڄاڻي تمام گهڻي خوشي ٿي ته انهن مقابلن ۾ عورت رانديگرن جو وڏو انگ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان ڳالهه جو ??بوت آهي ته پاڪستان جون باصلاحيتون عورتون ڪنهن به ميدان ۾ مردن کان ڪنهن به طرح پٺتي نه آهن. هن چيو ته انهن راندين جو ??نعقاد ملڪ دشمن عنصرن، انتشار ۽ دهشت پکيڙيندڙن کي کليل پيغام آهي ته پاڪستاني قوم هڪ بهادر قوم آهي جيڪا مشڪلن کي شڪست ڏئي پنهنجو ??ستو ٺاهڻ ڄاڻي ٿي.