اسلام آباد – 17 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري سان پاڪستان ۾ ڏکڻ ڪوريا جي سفير سوسنگ پئيو ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ تعاون جي نئين موقعن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا جي وچ ۾ تاريخي ۽ دوستاڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته ڏکڻ ڪوريا جي واپارين جي لاءِ پاڪستان ۾ ٽيڪنالاجي سميت مختلف ش??بن ۾ سيڙپڪاري جا تمام گهڻا موقعا موجود آهن، پاڪستان ڏکڻ ڪوريا کي مختلف ش??بن ۾ تربيت يافته انساني وسيلا فراهم ڪري رهيو آهي ۽ ان کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ??و. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ڏکڻ ڪوريا سان اعليٰ سطح جي را??طن سميت ثقافتي ورثي جي شعبي ۾ تعاون ??ڌا??ڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.