اسلام آباد -11 مئي (اي پي پي) پاڪستان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي مناسبت سان رٿيل عالمي ڪنوينشن جي پڌرائي ۾ چيو ??يو آهي ته جمهوريت کي د??يا ۾ وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. ڪنوينشن جي پڄاڻي واري سيشن ۾ ڊاڪٽر نفيس?? شاهه پڌرائي پيش ڪئي. جنهن ۾ چيو ??يو آهي ته ان اهم ترين عالمي ڪنونيشن ۾ سعودي عرب، شام، ايران، ڪرغزستان، ازبڪستان، تنزانيه، برطانيه، آمريڪا سميت سڄي د??يا جي اهم ملڪن جي وفدن شرڪت ڪئي. ڪنوينشن ۾ اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت کي د??يا ۾ مضبوط بڻائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪنداسين، اسان اتفاق ڪيو ته جمهوريت، انساني حقن ۽ معاشرن جي آزادي لاءِ گڏجي ڪم ڪنداسين، اسان قانونسازي کي وڌيڪ مضبوط بڻائينداسين. ”منهنجو آئين منهنجي آزادي جو ضامن“ جي نعري تي وڌيڪ بهتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين. هن ڪنوينشن ۾ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ??يو ته اسان قانون جي حڪمراني، خودمختياري، عدليه جي آزادي لاءِ ??هتر انداز ۾ ڪم ڪنداسين، انساني حقن ۽ اظهار راءِ ??ي آزادي لاءِ ??هتر انداز ۾ اڳتي وڌڻ تي پڻ اتفاق ڪريون ٿا. آئنده ??ين??ڙ نسلن لاءِ ??زاد، محفوظ ۽ پائيدار ترقي تي ٻڌل معاشرو جوڙيو ??يندو. عالمي ڪنوينشن ان ڳالهه تي پڻ اتفاق ڪيو آهي ته آئين تحت ڏنل انساني حقن ۽ فلاح ۽ بهبود جو تحفظ ڪيو ??يندو. برابري، انصاف ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي معاشري جي جوڙجڪ لاءِ قدم ک??يا ويندا.