ڪراچي – 27 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري ڪوئيٽا جي سينيئر صحافي سليم شاهد س??ن سندس ڀاءُ ضياءَ فاروق جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو. بلاول هائوس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ چيو ته ??وهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون، الله تعاليٰ توهان کي ۽ توهان جي خاندان کي صبر جميل عطا فرمائي. هن دعا ڪئي ته ??لله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت فرمائي ۽ ان کي جنت الفر??وس ۾ اعليٰ مقام عطا فرمائي.