اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پ?? پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪامياب ٽيسٽ رن کانپوءِ پاڪستان جي 1973ع جي آئين جي مو??ائيل ايپ جو پي ٽي وي ۾ منعقد ت??ريب ۾ اڄ ٻنپهرن 11 وڳي اجراءِ ڪندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته ان ايپ جو مقصد عوام خاص طور تي نوجوانن کي آئين بابت شعور، آگاهي ۽ پهچ ڏيڻ آهي ته جيئن پنهنجي حقن ۽ آئين جي اه??يت ڄاڻ??ن، منهنجو آئين منهنجي حقن جو ضامن.